زندگي پبليڪيشن حيدرآباد

زندگي پبليڪيشن، حيدرآباد: هيءَ پبليڪيشن حميد سنڌيءَ شروع ڪئي، جيڪا 1958ع کان باقاعده ڪم ڪندي رهي. هن پريس جي ذريعي شروعات ۾ سنڌي اديبن ۽ ليکڪن جا ڪتاب شايع ڪيا ويا، جن ۾ سيمي (حميد سنڌيپشو پاشا (جمال ابڙو)، آب حيات (غلام رباني آگرواداس واديون (حميد سنڌي)، ويرون (حميد سنڌي)، راتيون جاڳن جي (ناصر مورائي) جهڙا ڪتاب شامل هئا.
حميد سنڌي 1960ع کان هن پبليڪيشن ذريعي ماهوار ’روح رهاڻ‘ رسالو جاري ڪيو. هن رسالي جي مشهوريءَ سبب هن جون پهريون هڪ هزار ڪاپيون، پوءِ پندرهن سو، ۽ آخر ۾ ٻه هزار ڪاپيون شايع ٿيون ۽ جلد وڪامنديون رهيون. هن رسالي ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جا لنڊن مان سلسليوار خط ’لنڊن جي ڊائري‘ جي نالي سان شايع ٿيندا هئا. ان کان سواءِ امر جليل، جمال ابڙي، آغا سليم، عنايت بلوچ، شيخ اياز،
شمشير الحيدري، امداد حسيني، نياز همايوني ۽ رسول بخش پليجي جا مضمون، شاعري ۽ ڪهاڻيون وغيره شايع ٿينديون رهيون. هن رسالي ذريعي ترقي پسند ليکڪن، رجعت پسند ليکڪن جون لکڻيون گڏوگڏ شايع ٿينديون رهيون. هي رسالو 1969ع کان سرڪار طرفان ڊڪيلريشن ختم ٿيڻ ڪري بند ڪيو ويو.


لفظ زندگي پبليڪيشن حيدرآبادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو